امارات بورڊ سان معاهدو، افغان ٽيم يو اي اي ۾ ميچز کيڏندي

دبئي(ويب ڊيسڪ)افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ امارات ڪرڪيٽ بورڊ سان ڊگهي مدي لاءِ معاهدو ڪري ورتو آهي.ٻنهي بورڊن وچ ۾ پنجن سالن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجون هوم ميچون کيڏندي.معاهدي تحت افغانستان جي ٽيم هر سال يو اي اي خلاف انٽرنيشنل سيريز کيڏندي ۽ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ به يو اي اي ۾ پنهنجو دفتر قائم ڪندو.بيان موجب امارات بورڊ ويزا، لاجسٽڪ ۽ آفيس جي معاملن ۾ مدد فراهم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو