اماراتي بئنڪن جو قرض واپس،پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 4.5 ارب ڊالر ٿي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان يو اي اي جي بئنڪن جا قرض واپس ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌيڪ گهٽجي ويا.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 1.2 ارب ڊالر جي وڌيڪ گهٽتائي کانپوءِ 4.5 ارب ڊالر ٿي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا هڪ مهيني جي وارداتن کان به گهٽ آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته امارات بئنڪ جو 600 ملين ڊالر ۽ دبئي اسلامڪ کي 420 ملين ڊالر جو قرض واپس ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي پرڏيهي امداد جي ضرورت آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ 1.5 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو