اليڪشن ڪميشن ۽ ڪمشنر ڪيس جي ٻڌڻي چونڊن تائين ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف توهين عدالت ۽ اليڪشن ڪمشنر ڪيس جي ٻڌڻي چونڊن کان پوءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي باني فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.وڪيل شعيب شاهين ۽ فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا.وڪيل شعيب شاهين چيو ته اوهان جي حڪم تي حاضري لاءِ آيو آهيان، درخواست ڪريان ٿو ته ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. لا ونگ چيو ته شاهدن جا بيان ۽ ثبوت رڪارڊ ڪيا وڃن.وڪيل شعيب شاهين چيو ته ٻڌڻي 8 فيبروري کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن به چونڊن تائين مصروف آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن هڪ پارٽي خلاف آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه چيو ته اسان هڪ پارٽي ناهيون.وڪيل شعيب شاهين چيو ته مختلف هنڌن تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جلسن کي نه وڃڻ ڏنو پيو وڃي، تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان به کسيو ويو.ميمبر اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه چيو ته بيٽنگ کانسواءِ به چونڊ وڙهي سگهجي ٿي.وڪيل شعيب شاهين چيو ته اها ڳالهه عوام کي ڪيئن ٻڌائي.ميمبر اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته شعيب صاحب جي هر پوسٽر تي پي ٽي آءِ جي باني جون تصويرون لڳل آهن، اها ڪا اهم ڳالهه ناهي، ماڻهو پي ٽي آءِ باني کي سڃاڻن ٿا.وڪيل شعيب شاهين چيو ته هو اليڪشن ڪميشن جي نگراني ۾ ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، عهدي تان هٿ کڻڻ کانپوءِ 5 سالن لاءِ پارٽي ٽوڙي وئي، اليڪشن ڪميشن 15 فيبروري کانپوءِ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري.ميمبر اڪرام الله خان چيو ته ڪيس هڪ سال کان وڌيڪ دير سان هلي رهيو آهي.پي ٽي آءِ جي باني وڪيل شعيب شاهين جي درخواست تي ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو