اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت عام چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سمورا فنڊز هڪ ئي رقم ۾ جاري ڪرڻ جي تجويز کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته فنڊز اليڪشن ڪميشن کي مرحليوار ضرورت موجب جاري ڪيا وڃن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن فنڊن لاءِ ناڻي واري وزارت سان گهرج مطابق رابطو ڪندو. عام چونڊن لاءِ مجموعي طور 42 ارب 42 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا، جنهن جي منظوري گذريل مالي سال ڏني وئي هئي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن کي گذريل مالي سال 15 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. گذريل مالي سال 15 ارب مان 5 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪيا ويا ۽ گذريل مالي سال اليڪشن ڪميشن 5 ارب مان 4 ارب 47 ڪروڙ رپيا استعمال ڪيا. اليڪشن ڪميشن باقي رهيل 53 ڪروڙ رپيا ناڻي واري وزارت کي واپس ڪري ڇڏيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن گذريل مالي سال عام چونڊن لاءِ 47 ارب 42 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا هئا.
