اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري آئين ٽوڙيو: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اليڪشن ملتوي ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته هن اميد سان ٻه صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون.هن چيو ته اسان اهو قدم ان ڪري نه کنيو ته فاشسٽ گروهه آئين ۽ قانون سان کيڏي.عمران خان چيو ته خاموش رهڻ پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي، هاڻي پاڪستانين کي عدليه ۽ وڪيل برادري سان گڏ بيهڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو