ٽربيونل جي تبديلي جو حڪم معطل،انجم عقيل کي شوڪاز جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ انجم عقيل خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انجم عقيل خان کي هر ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته انجم عقيل خان جوڊيشل انڪوائري بابت درخواست ۾ استعمال ڪيل لفظن جي وضاحت نه ڪري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو