اليڪشن ڪميشن ٻاهران شڪايتي سيل قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٻاهران شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شڪايتي سيل ۾ چئني صوبن لاءِ الڳ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ نتيجن بابت شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي، درخواستگذار پنهنجي لاڳاپيل تڪن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا.اليڪشن ڪميشن اڄ 67 درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي، درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ ٻه بينچون جوڙيا ويا آهن.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ميمبر پنجاب ۽ ميمبر ڪي پي تي ٻڌل بينچ 29 درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي جڏهن ته ميمبر سنڌ ۽ ميمبر بلوچستان تي ٻڌل بينچ 38 درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو