اليڪشن ڪميشن جو اين اي 249تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) جي درخواست منظور ڪندي اين اي 249 ڪراچي ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن چيو ته سمورا اميدوار 6 مئي تي صبح جو 9 وڳي آر او آفيس پهچن. (ن) ليگ جي مفتاح اسماعيل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. مسلم ليگ(ن) بنا صحيح ٿيل فارم 45 جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا. ان موقعي تي(ن)  ليگ جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته ٻيهر پولنگ لاءِ ڌار درخواست داخل ڪنداسين. ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ اسان جو پهريون مطالبو آهي مطمئن نه ٿياسين ته ٻيهر ڳڻپ کان اڳيان به مطالبو ڪري سگهون ٿا. حتمي نتيجن کان اڳ اليڪشن ڪميشن ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. تصديق ٿيل فارم 45 ۽ 46 نه هجڻ سبب اليڪشن شڪي ٿي وئي.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن اڄ صبح ٻيهر ڳڻپ وارو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻڌايو ويو. اليڪشن ڪميشن مفتاح اسماعيل جي درخواست منظور ڪندي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو.اليڪشن  ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سموريون پارٽيون 6 مئي تي آر او آفيس پهچي وڃن. 6 مئي جي صبح 9 وڳي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو