اليڪشن ڪميشن ڊار جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن ڊار جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ واري معاملي تي شهزاد وسيم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 26 سيپٽمبر 2022 تي اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي ڪرڻ واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.اليڪشن ڪميشن طرفان محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌايو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اڄ نوٽيس جاري ڪندي کيس ذاتي يا وڪيل ذريعي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو