الطاف، غوري ۽ متحده جي اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي خيراتي اداري خدمت خلق فائونڊيشن ذريعي مبينه مني لانڊرنگ ڪرڻ بابت ڪيس ۾ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بئنڪس ۾ جاچ ۽ متحده جي عهديدارن خلاف ڇاپا هڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.عدالت متحده باني الطاف حسيين، اڳوڻي سينيٽر بابر غوري ۽ ٻين متحده اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ايم ڪيو ايم جي احمد علي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي سندس عدم حاضري سبب فيصلو نه ٻڌايو ۽ چيو ته جوابدار جي موجودگيءَ ۾ ئي فيصلو ٻڌايو ويندو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪي ڪي ايف ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي حوالي سان جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، اڳوڻو سينيٽر احمد علي جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري. احمد علي تي الزام آهي ته هُن ڪروڙين رُپين جي مني لانڊرنگ ڪئي آهي، درخواست ۾ ايف آءِ اي استدعا ڪئي ته مني لانڊرنگ جي جاچ، بنڪس ۽ متحده جي آفيسز ۽ عهديدارن خلاف ڇاپا هڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. سيڪريٽري جوائنٽ انويسٽيگيشن ان موقعي تي عدالت ۾ متحده باني ۽ ٻين اڳواڻن خلاف جاچ ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ به پيش ڪئي. رپورٽ موجب متحده باني الطاف حسين۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پڪا ثبوت ملي ويا آهن، جن جي برطانوي سرڪار کان تصديق ڪرائي پئي وڃي. متحده باني جي گهر مان مليل هٿيار ڪٿي استعمال ٿيا، اُن جي فورينزڪ ٽيسٽ لاءِ فهرست لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلي وئي آهي. ياد رهي ته متحده جو اڳوڻو سينيٽر بابر غوري هن ڪيس ۾ مفرور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو