اقوام متحده ڪشمير ۾ امن فوج ۽ مبصر مقرر ڪري،عمران خان

نيويارڪ(ڊيسڪ نيوز) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته ڪشمير ۾ اقوام متحده امن فوج ۽ عالمي مبصر تعينات ڪري، ڪشميرين جو ڀارت قتل عام ڪري رهيو آهي. اهڙو اظهار هن نيو يارڪ ٽائمز اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشمير تڪراري مسئلو آهي ڀارت جا هڪ طرفا اپاءَ قبول ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت سان ڳالهين جو امڪان ناهي ڇو ته هاڻي ان جو ڪو فائدو ناهي. اسان گهڻو ڪجهه ڪيو هاڻي ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو. هن چيو ته ٻئي ايٽمي طاقتون اکيون اکين ۾ ملائي بيٺل آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو به ٿيو دنيا تي ان جا اثر پوندا. مون امڪاني خطرناڪ صورتحال کان آمريڪي صدر ٽرمپ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. مودي هڪ فاشسٽ ۽ خطي ۾ هندو بالادستي چاهي ٿو، 80 لک ڪشميرين تي طلم ڪري رهيو آهي. هوڏانهن هن هڪ ٽوئيٽ ذريعي چيو آهي ته اڄ مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي ظلم جو شڪار ماڻهن سان اظهار يڪجهتي جو عالمي ڏينهن آهي ۽ مان دنيا جي ليڊرن تي زور ڀريان ٿو ته هو ان موقعي تي ڪشميرين تي ٿيندڙ طلم جو نوٽيس وٺن، جن عيد ۽ جمع جي نماز به ڀارتي فورسز نه ڏني آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو