افغان سفير جي فضل الرحمان سان ملاقات،باجوڙ سانحي تي تعزيت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)افغانستان جي سفير سردار احمد خان شڪيب پنهنجي وفد سان گڏ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.افغان سفير مولانا فضل الرحمان سان باجوڙ سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو.هن شهيدن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.ان موقعي تي مولانا صلاح الدين ايوبي، علامه راشد سومرو، انجنيئر ضياءُ الرحمان پڻ موجود هئا

پهنجو تبصرو موڪليو