اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته غير قانوني ٽي ٽي پي افغان سرزمين حملن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، ان کي هر قيمت تي روڪڻ گهرجي. هن گڏيل قومن تي زور ڀريو ته عالمي ادارو افغانستان مان پاڪستان ٿيندڙ حملا بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن افغانستان لاءِ گڏيل قومن جي خاص نمائندي اندريڪا رتوواٽ جي اڳواڻي ۾ وفد سان ٿيل ملاقات ۾ ڪيو. وفد ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ سيسي به شامل هئا. گڏيل قومن جي خاص نمائندي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن جي سخت مذمت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جون قربانيون بي مثال آهن. هن چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي واپسي مرحليوار شروع ڪئي وئي آهي، قانوني دستاويزن، ويزا ۽ غير ملڪي پرڏيهين جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي پئي وڃي، ڪنهن کي به پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. قانوني دستاويزن موجب جلد افغان پناهگيرن جي واپسي جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. ٻئي طرف افغان گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سرحد پار ڌمڪين بابت پاڪستان جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ