افغانستان دهشتگردي کي روڪي:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو دهشتگردي کي روڪي.پرڏيهي کاتي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان سمجهون ٿا ته افغان انتظاميا پاڪستان تي حملا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ افغانستان کي مدد جي ضرورت آهي ته اسان تيار آهيون پر جيڪڏهن ڪارروائي ڪرڻ ۾ نيت جو مسئلو آهي ته اها الڳ ڳالهه آ.هن چيو ته افغانستان مان دهشتگردي کي ڏسندي پنهنجي دفاع لاءِ عالمي قانون تي عمل ڪنداسين، جيڪڏهن افغان اختياريون ڪارروائي نه ٿيون ڪن ته افغانستان جي اندر ڪارروائي اسان جو هڪ ايڪشن ٿي سگهي ٿو پر بهرحال اهو اسان جو پهريون آپشن نه هوندو.سندس چوڻ هو ته نيٽو جا ڇڏيل هٿيار ۽ سامان دهشتگردن وٽ آهي، دهشتگردي بابت اسان جي پاليسي واضح آهي، اسان بلاڪس جي سياست ۾ ناهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو