افسر شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽو جي صدر جي ڀاءُ افسر شاھ تي قاتلانه حملي خلاف شهداد ڪوٽ ۽ دوڙ ۾ احتجاجي مظاهرا حملو ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. شهداد ڪوٽ مان عبدالله مستوئي موجب ايس ٽي پي پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، رشيد مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايس ٽي پي سنڌ جي پرامن، ترقي پسند ۽ قومپرست جماعت آھي جيڪا سنڌ جي غريبن، بي پهچ ۽ مظلوم ماڻھن جي پارٽي آھي، جيڪا سنڌ جي عزت، آجپي ۽ خوشحالي لاءِ عملي جدوجهد ڪندڙ پارٽي آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سموري پارٽي سيد جلال شاھ ۽ افسر شاھ سان گڏ آھي. هنن مطالبو ڪيو ته افسر شاھ تي قاتلانه حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. دوڙ مان نويد سنڌي مطابق ايس ٽي پي تعلقي دوڙ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن علي لغاري، غلام نبي ڪيريو، احمد ديناري، ۽ ٻين چيو ته ڪالھ ٺٽو ۾ ڪورٽ کان واپس پنهنجي گهر ويندڙ ايس ٽي پي ضلعو ٺٽو جي صدر جلال شاھ جي ڀاء مٿان ھٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو اهڙي عمل جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو جلال شاهه جي ڀاءُ مٿان حملو ڪندڙ شورا پ پ جا اڳواڻ آهن جن ٻه سال اڳ فائرنگ ڪري جلال شاهه جي ڀاءُ ستاف اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مرڪزي صدر سيد محبوب شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو هو، ساڳيا ماڻهو ڪالهه سندس ٻئي ڀاءُ کي به قتل ڪرڻ لاءِ آيا هئا. هنن چيو ته حملي آوار پ پ جا خاص ماڻهو آهن جن کي پ پ جي پٺ آهي اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا سيد جلال شاهه ۽ سندس ڀائرن کي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جا ذميوار پ پ اڳواڻ ۽ شورا برادري هوندا اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو