اغوا ٿيل نينگري بازياب، جوابدار گرفتار

ميهڙ (صدا حسين چانڊيو) 20 ڏينهن اڳ ڪلهوڙا محلا ميهڙ مان 2 نينگريون اغوا ٿي ويون هيون. جنهن مان هڪ نينگري سپنا کي ميهڙ پوليس ڳوٺ ڪنرجي ۾ عبدالرحمٰن بروهي جي گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي جوابدار گامڻ کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻنهي ننيگرين جي ماءَ ٻڌايو ته منهنجي 21 سالا ڌي گڏي عرف رخسانه اکين کان به نابين آهي جيڪا اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي ۽ هي منهنجي ننڍڙي ڇوڪري 8 سالا سپنا کي پوليس بازياب ڪرايو آهي منهنجو مطالبو آهي ته منهنجي ٻي ڌيءَ به بازياب ڪرائي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او ميهڙ ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ڪنر جي ۾ ڇاپو هڻي نينگري کي بازياب ڪرايو آهي جلد کان جلد ٻئي نينگري کي به بازياب ڪرائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو