اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ ڳوٺاڻو گرفتار

ڪنڌرا (ن سنڌيار) ڪنڌرا ويجهو قرضين کان بچڻ لاءِ اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ ڳوٺاڻو ٽن دوستن سميت گرفتار، ڳوٺ محمد علي شاهه واسي پرويز ميربحر قرضين کان بچڻ لاءِ پاڻ کي اغوا ڪرائڻ جو ڊرامو رچايو هو، ڳوٺ محمد علي شاه جي رهوسي قرض کان تنگ اچي پنهنجي پاڻ کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو ڊرامو ڪندڙ پورهيت پرويز ميربحر جو اعترافي وڊيو بيان سامهون اچڻ بعد ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڪنڌرا پوليس موجب ، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ پرويز ميربحر ، ميهر ڪانڌڙو ، صالح پٽ ۾ رات رهائيندڙ اوطاق مالڪ اڪبر مگسي ، ۽ صالح پٽ شهر ۾ ايزي لوڊ جو دڪان هلائيندڙ علي ڏنو مگسي ، جن مٿان پوليس ڪنڌرا ٿاڻي تي اي ايس آء محمد بچل دايو جي طرفان سرڪاري فرياد تي قلم 182. 203. 420 تحت ايف آء آر داخل ڪري ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو