اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو سائفر بابت اقراري بيان پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فرد جرم آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته بيان مان خبر پئي ٿي ته ملڪ ۾ اصل مير جعفر ڪير هو؟ اهو ڪير هو جنهن ذاتي مفاد لاءِ ملڪي ادارن خلاف سازش ڪئي ۽ ملڪ جي مفادن کي مجروح ڪندي معيشت کي تباهه برباد ڪيو.راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر جي بنياد تي ڊرامو ڪيو جنهن سان پرڏيهي لاڳاپن کي نقصان پهتو. اهو رياست جي مفاد جو معاملو آهي. اهو ڏوهه ٿيو آهي جنهن جو رياست جي مدعيت ۾ ڪيس عدالت ۾ داخل ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجي ڏوهه جو حساب ڏيڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته اعظم خان جو اقبالي بيان سائفر سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. سائفر عمران خان وٽ آهي. آفيشل سيڪرٽ ڊاڪيومينٽ پاڻ وٽ رکڻ سڄي دنيا ۾ ڏوهه آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر کي اپوزيشن خلاف استعمال ڪيو. 9 مئي سانحو اهڙي سازش جي هڪ ڪڙي آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجا بيانيا ٺاهڻ جي لاءِ سائفر جو استعمال ڪيو. ملڪي مفادن خلاف کيڏندڙ رانديگر پاڻ ڏوهه جو اعتراف ڪري رهيا آهن. شاهه محمود قريشي به اهڙي ڏوهه ۾ ملوث آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اهڙي جٿي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو. انهي جٿي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. آرٽيڪل 8 موجب ڪارروائي قانون واري وزارت بنائي سگهي ٿي. منهنجي رپورٽن موجب اعظم خان پنهنجي گهر تي موجود آهي. اعظم خان جنهن سان رابطو رکڻ چاهي اها ان جي پنهنجي مرضي آهي.
