چوڌري ۽ چيمه جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جناح هائوس حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيمه جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. اعجاز چوڌري کي جوڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. دهشتگردي جي انت واري عدالت اعجاز چوڌري کي 7 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ ۽ چالان مڪمل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عمر سرفراز چيمه کي بيماري سبب وهيل چيئر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت عمر سرفراز چيمه جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ به 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ کيس بهتر سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو