اشرف غني فرار، طالبان صدارتي محل جو، ڪنٽرول سنڀالي ورتو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جو صدر اشرف غني ۽ نائب صدر امرالله صالح وطن ڇڏي تاجڪستان هليا ويا، رشيد دوستم اڳ ۾ ئي ملڪ ڇڏي ازبڪستان وڃي چڪو آهي. طالبان ڪابل جي صدارتي محل ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، طالبان قڙان پاڪ جي تلاوت ڪندي فوٽو به جاري ڪري ڇڏيا. طالبان ان کان اڳ بگرام ايئربيس ۽ باميان تي به قبضو ڪيو هو. شهر ۾ صورتحال نارمل آهي، فورسز موجود آهن پر مزاهمت ناهي ڪئي. طالبان قيادت پاران رتوڇاڻ ۽ ڦر لٽ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت، ايئرپورٽ ويندڙن ۽ ملڪ ڇڏيندڙن کي نه روڪيو وڃي. ڪنهن کان به انتقام نه ورتو وڃي. مصالحت لاءِ عبدالله عبدالله سرگرم ٿي ويو. آمريڪا جي سفارتخاني مان سوين ماڻهن کي ڪابل انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچائڻ جو ڪم تيز ٿي ويو، برطانيا سميت يورپي يونين  جي ملڪن سفارتخانا بند ڪري اسٽاف کي بحفاظت ڪچڻ شروع ڪيو آهي. بي بي سي جي ليز ڊوسيٽ موجب هوءَ ڪمرشل فلائيٽ ذريعي ڪابل پهچڻ چاهي ٿي پر جهاز هڪ ڪلاڪ هوا ۾ اڏامندو رهيو ته ايئرپورٽ مصورف آهي. نئين حڪومتي ڍانچي بابت ڳالهيون هلندڙ، طالبان پاران عبوري صدر لاءِ مولانا حيبت الله، ملا برادر ۽ ٻين مختلف نالن تي غور ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو