روپوش ۽ اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گھوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد مان مختلف نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري روپوش ڏوهاري نورل عرف نوري پٽ رحم علي لولائي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايڇ او ڪڇو ٻنڊي رفيق سيلرو سنڌ يار سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته نورل عرف نوري کي هڪ ڳجهي اطلاءَ تي ناڪا بندي ڪري ٽٻي مائينر وٽان گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هن جي مٿان 9 مختلف نوعيت جا ڪيس داخل آهن جن مان چار ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي تي، هڪ ڪچو ٻنڊي ون ٿاڻي تي، ٻهه گيمڙو ٿاڻي تي ۽ ٻهه ڪنڌڪوٽ ٿاڻي تي به ڪيس داخل ٿيل آهن وڏي منشي عبدالباسط گجر ڳالهائيندي چيو ته اشتهاري روپوش ڏوهاري جي گرفتاري کانپوءِ ڏوهن ۾ گھٽتائي ايندي

پهنجو تبصرو موڪليو