اسڪول جي عمارت زبون حال، ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل

خيرپور (مجاهد سولنگي) تعليم کاتي ٺري ميرواھ جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي ڪري ڳوٺ محمد يوسف خاصخيلي جو قديمي بوائز پرائمري  اسڪول جي زبون حال عمارت مرمت نه ٿي سگهي آھي. چاپڙ ڪرڻ  ڪري ڪيترن ئي ڳوٺاڻن پنهنجي ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ مقامي ڳوٺاڻن  جنسار، علي حسن، رياض خاصخيلي معصوم شاگردن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت مرمت نه ٿيڻ ڪري پنج سئو کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم تباھ ٿي رهي آھي ڪيترائي ڀيرا چاپڙ ڪرڻ ڪري شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آھي. هنن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي ٺري ميرواھ جي اختيارين توڙي ڪمشنر سکر کي درخواستون ڏنيون آھن پر ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو آھي. ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندن تعليم کاتي جي اختيارين سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو  آھي ته قديمي اسڪول جي زبون عمارت جلد تعمير ڪرائي پنج سئو کان وڌيڪ مستقبل جي معمارن جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي جلد نئين اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ تعلقا ايجوڪيشن آفيس ٺري ميرواھ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو