اسڪولن جو تعميراتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون( پ ٽ الف پاران تلھار ۾ مين گرلز پرائمري اسڪول سميت پنج گرلس پرائمري اسڪولن جو تعميراتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج .تلهار جي شهر ۾ مين پرائمري گرلز اسڪول جي تعمير نه ٿيڻ خلاف تلهار ۾ پ ٽ الف جي تعلقه صدر محمد بخش لغاري، عنايت الله شاھ، عبدالوحيد جمالي، احمد خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين پرائمري بوائز اسڪول کان فاروق اعظم چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تلهار جي قديمي مين پرائمري گرلز اسڪول هن وقت تمام زبون حالي جو شڪار آهي اسڪول جي حالت هن وقت تمام خراب آهي هن اسڪول ۾ پڙهندڙ سوين نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم آهن،جڏھن ته تلھار ۾ پنج ٻيا گرلس پرائمري اسڪول به زبون حال آھن مجبوري سبب شاگردياڻيون ٻين اسڪولن ۾ پڙهڻ وڃن ٿيون جيڪي سندن گهرن کان ڪافي پري آهن مين گرلس پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ڪنهن به وقت زمين بوس ٿي سگهي ٿي سگھڻ جي ڪري وڏو جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي۔ هنن وزيراعلي سنڌ، وزير تعليم  ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته هن بلڊنگ سميت سمورن اسڪولن جي نئين سر تعميراتي ڪم ڪرائي ڏنو وڃي ته جئين هتان جون نياڻين جون زندگيون محفوظ رهن ۽ تعليم جي زيور کان محروم نه رهن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو