اسپتال ۾ قائم ليبارٽري ۽ ميديڪل اسٽور سيل

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ جي سيڪريٽر صحت جي حڪم تي سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايم ايس اسپتال اندر غير قانوني هلندڙ هڪ ليب ۽ ٻن ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪرائي ڇڏيو. نوشهروفيروز سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو صحافين کي ٻڌايو ته سيڪريٽري صحت سعيد احمد اعواڻ ڪجهه ڏينهن اڳ وزٽ ڪرڻ دوران لکت ۾ حڪم نامون جاري ڪيو هو ته اسپتال اندرغير قانوني قائم ليبارٽري ۽ اسٽورن کي 3 ڏينهن اندر بند ڪري رپورٽ ڏني وڃي. جنهن کان پوءِ مون اسپتال اندر قائم حسيني بلڊ ليبارٽري، فيئر فارميسي ميڊيڪل اسٽور ۽ انصاري ميڊيڪل اسٽور کي بار بار ليٽر ڏيڻ باوجود هنن ان تي عمل نه ڪيو جنهن تي مجبور ٿي اڄ پوليس گهرائي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ۽ اڄ ئي اها رپورٽ سيڪريٽري صحت ڏانهن موڪلي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو