اسپتال جي بحالي لاءِ شهرين پاران شٽڙبند هڙتال، احتجاج

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) جروار اسپتال جي بحالي نه ٿيڻ خلاف اسپتال بچايو ڪاميٽي طرفان اعلانيل شٽربند هڙتال کي جروار جي واپارين، دڪاندار ۽ شهر جي مکين حشمت رام، درشن لال ۽ ٻين ڀرپور موٽ ڏيندي پنهنجو ڪاروبار مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو. اسپتال بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن عاجز گبول، علي نواز جلباڻي، بيوس بخش علي منگراهه، خليل گبول، غلام بوزدار، علي گوهر گبول، اياز گبول ۽ ٻين چيو ته تڪ جا چونڊيل ڀوتار پنهنجي زبانن کي تالا ۽ اکين تي پٽي توڙي ڪنن ۾ ڪپھ هڻي ويٺل آهن انهن کي جاڳائڻ لاءِ احتجاج جو هر طريقو اختيار ڪيو ويندو. ان موقعي تي اسپتال جي بحالي لاءِ لڳل بک هڙتالي ڪئمپ تي ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين ڄام فتح سميجو، ضلع صدر زاهد ميراڻي، جي يو آءِ اڳواڻ فضل الرحمٰن گبول ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جروار واسين کي جس هجي جيڪي پنهنجي مسئلن لاءِ هڪ آواز بڻجي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ نڪتا آهن اسپتال جي اهڙي حالت بڻائي وئي آهي جيڪا اسپتال نه بلڪه ڀوت بنگلي جو ڏيک پئي ڏئي.

هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن کي خبردار ڪندي چيو ته جروار اسپتال جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ علي گوهر مهر ۽ معظم عباسي جو مثال اوهان جي سامهون آهن. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم پريس رليز جاري ڪندي چيو آهي ته جروار رورل هيلٿ سينٽر جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون ان سلسلي ۾ سيڪريٽري هيلٿ کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل صحت مرڪز جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي، تمام جلد عمارت جي مرمت وارو ڪم شروع ٿي ويندو جڏهن ته پي پي ايڇ آءِ طرفان رورل هيلٿ سينٽر جي بحالي واري ڪاغذي ڪارروائي پڻ آخري مرحلي ۾ آهي جنهن بعد جروار رورل هيلٿ سينٽر بحال ٿي ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو