اسپتال جوروڊ ٽٽي ويو، جلد ٺهرائي ڏيو، شهرين جو مطالبو

ٻيلو شھر(رپورٽ شعيب الرحمان)ٻيلو شھر کان سول اسپتال  ڏانھن ويندڙ روڊ  ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو روڊ ۾ ٻه کان ٽي فٽ جا کڏا پئجي وڃڻ ڪري مريض ۽ اسپتال تي ويندڙ ڊاڪٽر ۽ عملو اچڻ وڃڻ لاء پريشان  انتظاميه جي نظرن کان اوجھل  ٻيلو سول اسپتال جي عملي شھرين ۽ سڄاڻ ڌرين ڊاڪٽر مولچند،رشيد ميمڻ،نور محمد ميمڻ،۽ ٻيلي شھر جي نوجوان  اتحاد جي اڳواڻ شعيب الرحمان  ميمڻ،غلام فريد ميمڻ، شوڪت ھالو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2010 جي مھا ٻوڏ جي نتيجي۾ روڊ تباھ ٿي ويو ھو اکڙي ويل روڊ جي ڪري ايندڙ ويندڙ مريضن توڙي اسپتال جي عملي کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو برسات پوڻ کان پوء ته ويتر اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائون پيش اچن ٿيون ھن روڊ  جي ڪنھن به سار نه لڌي آهي ھنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته سول اسپتال جو روڊ ٺھرائي عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو