اسپتال انتظاميه ڇتي ڪتي جي وئڪسين گهرڻ تان ڏمرجي پئي

خانپورمهر(آفتاب سيال) ڳوٺ ڀڙ جي رهواسي 4 سالن جي نينگر عمران اوڏ ۽ ڳوٺ الهوڌايو گڏاڻي جي رهواسي 5 سالن جي نادر گڏاڻي کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو ته کين وارث خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال کڻائي آيا پر اسپتال انتظاميه وئڪسين لڳائڻ کان انڪار ڪندي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو.

نينگر جي وارثن الهوسايو گڏاڻي، لالچند اوڏ، ڪاجل اوڏ ۽ ٻين اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسپتال انتظاميه رڳو دعوائون ڪري رهي آهي پر هتي ڪاري وارا ڪک آهن اسان جي ٻچڙن کي ڇتي ڪتن ڏاڙهيو آهي پر هتي کتو جواب ڏنو پيو وڃي هتي وئڪسين ناهي اسان پنهنجي هن معصوم ٻچڙن کي ڪاڏي کڻي وڃون. هنن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو