اسٽيبلشمينٽ ناراض بلوچن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ به ناراض بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙن لاءِ رياست جا دروازا کليل آهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته قومي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ جو رڳو هڪڙو ئي شرط آهي ته هٿيار ڦٽا ڪيا وڃن، اسان ناراض بلوچن کي قومي وهڪري ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا هن چيو ته ملٽري اسٽيبلشمينٽ هن معاملي تي سڀ کان وڏي ڌر آهي، جيڪي ڪجهه هنن کي معلوم آهي ان جي ڪنهن سياستدان کي خبر نه آهي

پهنجو تبصرو موڪليو