’اسمبلين ۾ عوام جا نه پر اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا ويٺا آهن‘

پشين(ويب ڊيسڪ)مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسمبلين ۾ عوام جا چونڊيل نمائندا نه پر اسٽيبلشمينٽ ۽ فوجي جنرلن جا نمائندا ويٺا آهن. پشين م جلسي کي خطاب ڪندي هن پيپلز پارٽي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته مونکي ٻڌايو بلوچستان اسيمبلي گهڻي ۾ خريد ڪئي اٿو، 80 ارب ۾، 90 ارب ۾ يا 100 ارب ۾، توهان سنڌ اسمبلي گهڻي ۾ خريد ڪئي آهي. ڪاوڙ سان ڀرپور مولانا چيو ته گهڻو ٿي چڪو هاڻي مجرم کي مجرم چوڻو پوندو، مجرم کي بي نقاب به ڪرڻو پوندو، ۽ انشاءَ الله اسان جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهيون اها پوري ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان کي بچائڻ ۾ جميعت جو فوج کان وڌيڪ ڪردار آهي. هي ملڪ فوج ڪو نه حاصل ڪيو هو پر سياستدانن ٺاهيو هو. هن چيو ته هي حڪومت ڪوڙي مينديٽ واري آهي ان کي نٿا مڃون ۽ اسين چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائينداسين. ياد رهي ته پي ٽي آءِ ءٌ بلوچستان جي پشتون ۽ بلوچ قومپرست ڏرين جي اتحاد به گذريل هفتي پشين ۾ جلسي سان ئي حڪومت مخالف تحريڪ شروع ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو