اسلام آباد ۾ تيز برسات،مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. گادي واري شهر ۾ ڀت ڪرڻ ۽ ٻين مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ تيز برسات دوران گولڙه موڙ وٽ انڊر باءِ پاس جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا آهن.پوليس موجب حادثي کان پوءِ ريسڪيو 1122 جي اهلڪان حادثي واري جاءِ تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ملبي هيٺيان دٻيل 12 لاشن کي مشينن ذريعي ڪڍيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته انڊر باءِ پاس جي حفاظت لاءِ ٺاهيل هڪ سئو فوٽ ڊگهي ۽ 11 فٽ اوچي ڀت اوچتو ڊهڻ سبب حادثو پيش آيو. مزدور ڀت وٽ ٽينٽ لڳائي رهيا هئا ته ڀت ڪري پئي. حادثي کان پوءِ وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا لاءِ مشين جي مدد سان ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرندڙ ڀت جي ملبي مان 4 مزدورن کي زنده ڪڍيو ويو آهي.پوليس موجب برسات دوران کهنه ٿاڻي جي علائقي محمد ٽائون ۾ ڀت ڪرڻ سبب 11 سالن جي ٻارڙي به فوت ٿي وئي آهي. اسلام آباد جي موٽر وي ايم ون تي برسات دوران چار بسون ۽ هڪ ڪار پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.وسڪارن سبب راولپنڊي جو لئي نالو پاڻي سان ڀرجي ويو آهي جنهن سبب ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. لئي نالي جي علائقي ۾ فوجي جٿا مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.گولڙه موڙ ويجهو ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿيل مزدورن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ محمد شعيب، زاهد، ڪريم، نور محمد، ڪليم الله، جلال الدين، اڪبرزاده، اسرافيل، نعمان، محمد خالد ۽ ياسين شامل آهن. جڏهن ته زخمي ٿيندڙن ۾ فاروق، محمد شڪيل، عنايت، رحمان ۽ معلم خان شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو