اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته اسلام آباد ڳالهين هڪ پائيدار سفارتي ڍانچي جي بنياد رکي آهي.ايراني سفير رضا اميري مقدم سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو ته اسلام آباد ڳالهيون صرف هڪ تقريب نه پر هڪ مسلسل عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو انهن جي نيڪ نيتي واري قدم تي شڪريو ادا ڪيو.رضا اميري مقدم چيو ته پاڪستاني ادارن ڳالهين جي انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتھڪ محنت ڪئي، ۽ ڳالهيون پاڪستاني حڪومت، فوج، پوليس ۽ فورسز جي اڻٿڪ ڪوششن سان منعقد ٿيون.










