اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد عمر ۽ فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته عدالتن کي هر طرف کان بلاڪ ڪيو ويو آهي.هن چيو ته جن جا نالا عدالتي لسٽ ۾ آهن انهن کي به وڃڻ نه ڏنو پيو وڃي، لڳي ٿو ته دنيا جا مشهور دهشتگرد اچي رهيا آهن.ٻئي طرف فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد جو چيف جسٽس پنهنجي حڪمن تي عمل ڪري، اسلام آباد کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته پاڪستان جي عوام تي ظلم ۽ جبر ٿي رهيو آهي، عدالتن کي خاموش نه رهڻ گهرجي، وڪيلن کي ان ظلم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ گهرجي.
