وزيراعظم ٻڌائي گمشدگين بابت رياست ڇو ناڪام آهي ؟: عدالت

وزيراعظم ٻڌائي گمشدگين بابت رياست ڇو ناڪام آهي ؟: عدالت

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته حقيقت اها آهي ته ڪو به ڪجهه نه ڪري رهيو آهي، هن وقت ڪيترا شهري گم آهن؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته رپورٽ موجب 8400 مان 600 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، ڪيترائي ماڻهو هن ڪيس ۾ ٻٽو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ايترا پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي، پوءِ انهن جو ڪهڙو ڪم؟ ان موقعي تي فرحت الله بابر عدالت کي ٻڌايو ته ايترا ماڻهو کنيا ويا، اڃا خبر ناهي ته ڪير کڻي ويو. ان بعد چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته وزيراعظم کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو