اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس انهن ججن ۾ شامل نه هو. ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين عمارت ۾ منتقلي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. 14 سالن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهراهه دستور تي اڏيل نئين عمارت ۾ منتقل ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي رلييف ڏيڻ بعد ججن تي حڪومتي بيانن جي دٻاءُ جي تناظر ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.










