اسلام آباد جي ايف 9 پارڪ ۾ ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ايف 9 پارڪ ۾ ميان چنو جي رهواسي ڇوڪري سان مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو واقعو سامهون آيو آهي.رپورٽن مطابق وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ ۾ خوفناڪ واقعو پيش آيو، هٿياربندن ڇوڪري سان زيادتي ڪئي.ڇوڪري هڪ دوست سان گڏ پارڪ ۾ ساهه کڻڻ لاءِ آئي هئي ته هٿياربندن هن کي هلڻ دوران روڪيو، کيس ڌار ڪري وٺي ويا، مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، شور مچائڻ تي کيس چماٽون هنيون، وڻن جي ڇانوَ ۾ کڻي وڃي تشدد ڪيو، هن جا ڪپڙا فاڙيا بدسلوڪي ۽ ڏاڍائي ڪئي. پوليس کي ڏنل بيان ۾ ڇوڪريءَ چيو ته ٻن جوابدارن ساڻس زيادتي ڪئي، زيادتي بعد سندس ڪپڙا اڇلايا ته جيئن هوءَ ڀڄي نه وڃي، حملي آورن کي ڏهاڙا ڏنائون پر هو باز نه آيا.زيادتي بعد جوابدار ڇوڪريءَ کي شام جو پارڪ نه اچڻ جو چيو،ڊاڪٽرن موجب ڇوڪري جي جسم تي زيادتي جا نشان آهن. مارگلا پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي وڊيو ذريعي جوابدار جي ڳولا جاري آهي. پارڪ اسٽاف به جاچ ۾ شامل آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته خميس جي رات ايف 9 جي پارڪ ۾ 2 جوابدارن بندوق جي زور تي عورت سان زيادتي ڪئي.پوليس موجب عورت جو پمز اسپتال ۾ علاج ڪرايو ويو آهي ۽ نمونا فرانزڪ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو