اسلام آباد ايئرپورٽ کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي: سعد رفيق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسلام آباد ايئرپورٽ کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته ڪو به ملازم بيروزگار نه ٿيندو، آئوٽ سورسنگ جو مطلب اهو ناهي ته ايئرپورٽ وڪرو ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته ڪنهن به دٻاءُ وڌو ته دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو، اسلام آباد ايئرپورٽ کي 15 سالن لاءِ آئوٽ سورس ڪيو ويندو.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسلام آباد کانپوءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي باري هوندي.خواجا سعد رفيق اهو به چيو ته 3 مهينن ۾ برطانيا جون اڏامون بحال ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ يورپ ۽ آمريڪا جون اڏامون بحال ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو