اسلامي بينڪ جي صدر سان ترقياتي منصوبن بابت وزيراعظم جي ملاقات

رياض: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ جي جاري منختلف منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي سائيڊ لائين تي اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر سان ملاقات دوران پنهنجي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرز جي سرمائيڪاري تي اسلامي ترقياتي بينڪ جو ٿورو ادا ڪيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اسلامي ترقياتي بينڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ جي مدد جي تعريف ڪئي ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ وچ ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي چيو ته اسلامي ترقياتي بينڪ جي پاڪستان سان فائديمند ڀائيواري، نئين سري سان تعمير ۽ روزگار ۾ مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سرمائيڪاري کي صحيح رستي تي آڻڻ، پرڏيهي سرمائيڪارن جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشن مهيا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪونسل پوري طرح فعال آهي.ملاقات جي آخر ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بينڪ جو ميمبر آهي ۽ هڪ انتهائي اهم ميمبر آهي. رب پاڪ پاڪستان کي قدرتي ۽ آبي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان جي خوشحالي ۽ بهتري جي لاءِ دعاگو آهيون.ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ، وفاقي وزير پيٽروليم مصدق ملڪ، وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال خان ۽ وفاقي وزير توانائي اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو