اسسٽنٽ ڪمشنر پاران منافعي خورن خلاف آپريشن، ڏنڊ وصول

سوڀوديرو(مظهر نعمت علي منڱڻيجو) اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو مزمل حسين ٻگھيو ۽ مختيارڪار بابر حسين بلو سبزي فروشن، دڪاندارن، مرغي فروش، گوشت فروشن پاران ڳاٽي ٽوڙ ۽ ھٿرادو ريٽ وٺي غريبن کي لٽڻ جو ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ تي  سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي ساڻ ڪري ناجائز منافعي خورن، ريٽ لسٽ نه رکندڙن ۽ غيرمعياري کاڌي پيتي جو سامان وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ وڌو ۽ انڪروچمينٽ ڪندڙ دڪاندارن جي انڪروچمينٽ ھٽائي ڇڏي ۽ ڪيترائي دڪاندار پنھنجا دڪان بند ڪري ڀڄي ويا. ان موقعي تي شهرين انتظاميه کي ٻڌايو ته مھانگائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي مھانگائي سبب ڀاڄي کان بغير رکي ماني کائڻ تي مجبور آھيون. مختيارڪار دڪاندارن کي چيو ته صاف سٿرو کاڌي پيتي جو سامان عوام کي مھيا ڪيو وڃي جيڪو صحت لاءِ ھاڃيڪار نه ھجي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف قدم کنيو ويندو ۽ ھٿرادو ڪيل مھانگائي جي خبر تي مون سميت اختيارين نوٽيس ورتو ۽ ڪارروائي ڪئي آھي اسان جي به ٽيم روز ريٽ چيڪ ڪندي ۽ ميڊيا به نشاندھي ڪري جيئن مزدور طبقي کي رليف ملي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو