اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو مڪمل اختيار آهي، جو بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيدن چيو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق ۽ اختيار حاصل آهي. اهڙو اظهار هن اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو سان فون تي ڳالهائيندي ڪيو. خابرو ادارن جو چون آهي ته صدر جوبائيڊن اسرائيل ۽ فلسطين ۾ پرتشدد واقعا روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ خصوصي ايلچي موڪلڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي حڪمران ڊيموڪرٽڪ پارٽي جي 25 سينيٽرن آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وزير کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته فلسطينين جي جبري بيدخلي روڪڻ لاءِ آمريڪا پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو