اسرائيل پاران ايراني ايٽمي پروگرام تي حملي جو اشارو

دبئي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي ڳجهي اداري موساد جي هٽايل سربراهه يو سي ڪوهن انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جي جوهري پروگرام ۽ هڪ سائنسدان خلاف ڪاروائي ڪئي هئي. اسرائيل جي چينل 12 کي انترويو ڏيندي هن چيو آهي ته ايران جي ٻين سائنسدانن کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو. ياد رهي ته ايران جي نتنر ايٽمي پلانٽ تي ٻه حملا ٿيا هئا پر ايٽمي پلانٽ محفوظ رهيا هئا. ايران يورينيم جي افزودگي لاءِ انڊر گرائونڊ هال ٺاهيو آهي جيئن حملو نه ٿي سگهي. گذريل سال ايران جي قتل ڪيل جوهري سائنسدان محسن فخري کي قتل ڪيو ويو هو، انٽرويو ۾ موساد جي اڳوڻي سربراهه جي انٽرويو ۾ ان جو ذڪر ته ٿيو پر هن زميواري قبول نه ڪئي. هن اهو ٻڌايو ته فخري کي قتل ڪرڻ واري گاڏي مٿان آٽوميٽڪ طريقي سان هلڻ واري گن نصب ڪئي وئي هئي ۽ بعد ۾ اها گاڏي پاڻ ئي تباهه ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو