اسرائيلي فوج جو اسڪول تي حملو، 32 فلسطيني شهيد

اسرائيلي فوج جو اسڪول تي حملو، 32 فلسطيني شهيد

غزهه (ويب ڊيسڪ)صهيوني فوج نصرت ڪيمپ ۾ قائم اسڪول ۾ پناهه وٺندڙ فلسطينين تي حملو ڪري 32 ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا.فلسطيني خبر رساں ايجنسي وفا موجب اسرائيلي فوج يو اين آر ڊبليو اي اسڪول تي حملو ڪيو، هوائي حملي جي نتيجي ۾ عمارت ۾ پناهه وٺندڙ عورتن ۽ ٻارن سميت 32 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسڪول اندر حماس جي ويڙهاڪن کي نشانو بڻايو.ٻئي طرف غزه جي رياستي ميڊيا جي ترجمان رائٽرز سان ڳالهائيندي اسرائيلي وضاحت کي رد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل مظلوم فلسطينين تي حملن جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ من گھڙت ڪهاڻيون ٺاهي رهيو آهي.فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 36 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 82 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو