اسد شاهه 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

راڻيپور(ن س) فاطما ڦرڙو قتل ڪيس جي مک جوابدار سيد اسد شاهه جيلاني کي پوليس سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جسماني رمانڊ جي گهر ڪئي. پوليس مقتول نياڻي جي 19 آگسٽ تي قبر ڪشائي بعد ڪيل پوسٽ مارٽم واري عبوري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. پوليس چيو ته ڪيس جي جانچ دوران اهم پهلو سامهون آيا آهن ان ڪري جوابدار جو ٻن هفتن جو جسماني رمانڊ ڏيو. عدالت جوابدار اسد شاهه کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي مقتول جي والده شبنم بي بي به موجود هئي جنهن چيو ته لاش اسان تائين پهچائيندڙ اسانجي مائٽ ٻن مردن ۽ هڪ عورت کي به تفتيش ۾ شامل ڪيو ته هنن کي ڪنهن لاش حوال ڪيو. پوليس اسد شاهه جي حويلي، جتي هاڻي پوليس پڪٽ قائم آهي، ان مان بازياب ڪرايل 3 عورت ملازمائون ۽ 4 ٻارن کي به عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت عورتن کان پڇو ته ڇا اوهان گهر وڃڻ چاهيون ٿيون ته عورتن هاڪار ڪئي. جنهن بعد عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته کين سيڪورٽي ۾ کين گهرن تائين پهچايو وڃي.

حويلي مان بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻارڙا

ياد رهي ته هن ڪيس ۾ ايس ايڇ او، هيڊ محرر، ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر ۽ رورل هيلٿ سينٽر جو ايم ايس به پوليس حراست ۾ آهن. اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪرائي هئي. جنهن بعد هوءَ روپوش آهي، ڪجهه حلقن پاران سندس پرڏيهه وڃن جي به دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته عبوري پوسٽ مارٽم رپورٽ 9 سالن جي مقتولا نياڻي جي جسم جي مختلف هصن تي 9 زخمن جي نشاندهي ڪئي هئي. رپورٽ ۾ جسماني تشدد جي تصديق ڪندي نياڻي جي اڳيان ۽ پويان جنسي تشدد جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آهن ۽ رپورٽ بعد حتمي راءِ قائم ڪبي. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اهو واضح طور چيو آهي ته نياڻي بالغ نه هئي پر سندس ڪنوارپڻي وارو پردو ڦاٽل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو