استيعفيٰ کان ڀڄڻ حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ آهي،فضل الرحمان

ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪجهه اهڙا غلط فيصلا ڪيا جنهن سان جمهوريت کي نقصان پهتو.ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نوان قانون متعارف ڪرايا پيا وڃن. جڏهن ته عام ماڻهو کان حقيقتون لڪايون پيون وڃن. ادارا اهڙو ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ڪنهن به قسم جي قانون جا پابند نه آهن. پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ ۾ به انهن ماڻهن جو ڪردار آهي. جڏهن ته پارٽين کي به ٽوڙيو پيو وڃي. صحافي ته ڇا پر منسٽرن کي به ماريو پيو وڃي هنن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم قوم جي آواز بڻجي وئي هئي پر پيپلز پارٽي حڪومت جي سهولتڪار بڻجي. پي ڊي ايم حڪومت جي خلاف گڏ هئي. ان ۾ رنڊڪ وجهڻ سان ڪنهن کي فائدو ٿيو. پيپلز پارٽي ڪجهه اهڙا غلط فيصلا ڪيا جنهن سان جمهوريت کي نقصان پهتو. پي ڊي ايم ڇڏيندڙن جي لاءِ رستا بند نه ڪيا آهن. پيپلز پارٽي واپس اچڻ چاهي ٿي ته رستا کليل آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيڪڏهن اجتماعي طور تي نه ڏنا ويا  ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري وٺندي.استعيفائن جو آپشن قبول نه ڪرڻ حڪومت جي مدد ڪرڻ جي برابر آهي. جيڪا به پارٽي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي عوام کيس ڏسي رهي آهي. اسان حڪومت کي ان هنڌ تي آڻڻ چاهيون ٿا جتي تاريخ جي ورقن ۾ ڪراس جو نشان هجي. 4 جولاءِ تي سوات ۾ تاريخي جلسو ڪنداسين. هر پارٽي کي پنهنجو چونڊ مفاد ڏسڻو پوندو آهي. پي ڊي ايم چونڊ اتحاد ته نه آهي پر ڪا شيءَ امڪان کان ٻاهر به نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو