استاد کان پگهار فُر، ڪٽڪو ڏئي ڦورو فرار ٿي ويا

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ مهرن جي دڙي ڀرسان نامعلوم هٿياربندن پاران موٽر سائيڪل تي ويندڙ  استاد عبدالرحمان لاشاري کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن مزاحمت ڪئي. جنهن تي ڦورن کيس زخمي ڪري ڇڏيو.  استاد عبدالرحمان لاشاري ٻڌايو ته اي ٽي ايم مان پگهار ڪڍرائي دين محمد لاشاري پرائمري اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ وڃان پيو ته ڇوڏاهو ڀرسان مهرن جي دڙي لڳ ٻٽون ٻڌل هٿياربندن موٽر سائيڪل روڪي پنجويهه هزار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو  ۽ منهنجي طرفان مزاحمت تي مونکي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڇڏي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا هوڏانهن پ ٽ الف تعلقه ڪوٽڏيجي جي اڳواڻ استاد عبدالجبار وساڻ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان استاد کان ٿيل ڦر واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو