استاد مقرر نه ٿيڻ سبب، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)خاڻوٺ بوائز پرائمري  اسڪول ۾ ھڪ سال کان  استاد مقرر نه ٿيڻ   خلاف شھرين پاران اسڪولي ٻارڙن سميت تعليم جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. تعليم کپي تالا نه کپن جي نعريبازي ڪندي اسڪول گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي غلام حسين ملاح نور محمد شاه عبدالڪريم گوپانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ نه  ھئڻ سبب  اسڪول ھڪ سال کان بند پيل آهي جنھن سبب 300 کان مٿي شاگرد شاگردياڻيون  تعليم جهڙي زيور  کان محروم  آهن ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل آفيسرن کي چوڻ باوجود استادن جي کوٽ ڄاڻائي اسڪول کي بند  ڪيو ويو.آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته استاد مقرر ڪري تعليم شروع ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو