استادن جي بدلي خلاف شاگردن، سول سوسائٽي جو احتجاج

مانجهند (ن س) شھرين، استادن، سول سوسائٽي، والدين، شاگردن جو پرائمري بوائز مين اسڪول مان محنتي استادن کي بدلي ڪرڻ خلاف هٿن ۾ مطالبن جا پلي ڪارڊ کڻي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي ٽي اي او ميل آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهه لطيف علمي ادبي فورم جي سرواڻ شفيع ملاح، اسڪول انچارج علي نواز خاصخيلي، علي نواز ڳنڀير، محمد جمن عمراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي اي او مانجهند ۽ ڪلارڪ  اسڪول ۾ استادن جي شديد کوٽ باوجود سازش  تحت ايس ٽي آر سسٽم پاليسي هيٺ محنتي استادن برڪت علي ملاح، شوڪت علي حاجاڻو، سليم ميمڻ جي سفارش ڪرائي سنڌ سيڪريٽريٽ مان سندن بدلي ڪرائي ڇڏي آھي جنهن سبب تعليم تباه ٿي وئي آھي ساڍا ست سئو ٻارڙن جو مستقبل دا۽ تي لڳل آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته استادن جي اڳواٽ کوٽ ھئي جيڪا پوري ڪرڻ بجاءِ محنتي استادن جي سالن کان  بند پيل اسڪولن ۾ بدلي ڪئي وئي آهي. هنن چتاءُ  ڏنو ته بدلي ڪيل استادن جا آرڊر ڪينسل ڪري ٻيهر اسڪول تي مقرر ڪري تعليم بچائي وڃي ٻي صورٿ ۾ ٽي اي او آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو