اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي، قومي اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ آهي.وزيراعظم هائوس جي عملي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اوهان سڀني حڪومتي ڪمن ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي جتي مون کان غلطيون ٿي رهيون هيون، اوهان منهنجو هٿ پڪڙيو.هن چيو ته توهان سان گڏ 16 مهينا گذارڻ منهنجي زندگي جو اثاثو هوندو.شهباز شريف چيو ته جڏهن قائداعظم جو انتقال ٿيو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجو رستو وڃائي وياسين.هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي توفيق عطا فرمائي، قرض مان جان ڇڏائي ۽ دعائون گهرڻ کي خدا حافظ چئي.شهباز شريف چيو ته اسان ڪوشش ڪئي ته جيترو ٿي سگهي وسيلن کي بچايون ۽ ڪابينا فيصلو ڪيو ته پگهارون نه وٺنداسين، گاڏيون واپس ڪنداسين.هن چيو ته غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ وسيلا استعمال ڪيا وڃن ته قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.وزيراعظم هائوس جي عملي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نگران وزيراعظم آيو ته توهان کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي آهي.
