نظام ڪرپشن جي ورچڙهيل آهي رشوت بنا ڪو ڪم نٿو ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ اقليتي معاملن جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته آباد جي بجاءِ صرف ماڻهن کي هزارين ايڪڙ زمين سرڪاري سطح ڏني وڃي ٿي، آباد کي ڇونه ڏني وئي، اسان جو نظام اهڙي طرح ٺهيل آهي جنهن ۾ ڪرپشن کان سواءِ ڪوبه ڪم ناهي ٿيندو، ٻاهرين دنيا ۾ جن معاملن تي سزايون ڏنيون وينديون آهن پاڪستان ۾ ان جي برعڪس ايوارڊ ڏنا ويندا آهن ۽ هن نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) جي مرڪزي آفيس ۾ منعقد تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اها اسان جي بدقسمتي آهي ته پاڪستان جو مستقبل هاڻي ملڪ مان مايوس ٿي ڪري پرڏيهه وڃي رهيو آهي. نگران صوبائي سڌ سماءَ واري وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته اسان جي ملڪ مان نه صرف پئسو ئي نه بلڪي هنرمند نوجوان به هليا ويا آهن. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿئي، امن ۽ امان قائم رهي ۽ عوام پاڻ هن ملڪ ۾ پنهنجا ٽيڪسز ادا ڪن ته جيئن ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي، تقريب کي خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير مڪاني، هائوسنگ ٽائون پلاننگ اينڊ ريهيبليٽيشن سنڌ محمد مبين جماڻي چيو آهي ته ڪراچي جي تعميراتي شعبي ۽ شهرين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ هفتي هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن ۾ آباد جي ميمبرن کي به شامل ڪيو ويندو. هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڪراچي شهر جا سمورا ٽائونز ڊيجيٽلائز ٿي ويندا، 25 ٽائونز مان 14 شهرن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي.ايس بي سي اي (SBCA) جو نظام پڻ مڪمل طور تي ڊجيٽلائز ڪيو ويو آهي. ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل ۾ 12 سئو اهڙن ملازمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي هڪ ئي وقت 3/3 سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، لاقانونيت واري نظام ئي ٻيڙو غرق ڪيو ۽ هن نظام کي ختم ئي ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير اطلاعات ۽ اقليتي معاملن وارو وزير محمد احمد شاهه جي سرپرست اعليٰ محسن شيخاڻي، چيئرمين آباد آصف سم سم، سينيئر وائيس چيئرمين ابراهيم ايس حبيب، وائيس چيئرمين ذيشان صديقي، چيئرمين سدرن ريجن مصطفيٰ شيخاڻي، آباد جي اڳوڻي چيئرمينز ۽ ميمبرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. نگران صوبائي وزير مبين جماڻي چيو ته مون آباد جي مسئلن کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اٿاريو آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي غير تعميرات جي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته آبادگار جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويا آهن پر ڪجهه شين ۾ قانوني پيچيدگيون آهن، هن چيو ته خبر ناهي نگران حڪومت ڪيتري عرصي تائين رهندي پر هو مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ لڳل رهندا. هن چيو ته نقشن جي ٻيهر ري ڪنفرميشن ڪرڻ جي شق کي ختم ڪرايو ويو آهي. نگران وزير چيو ته مان آمريڪا ۾ به تعميرات شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي. آمريڪا ۾ تعميرات جي معاملي کي ڪائونٽي ڏسندي آهي، اڄ تائين ڪڏهن به ڪائونٽي اسان جي چانهه به ناهي پيتي، ٻين ملڪن ۾ معاملا جلدي حل ٿيندا آهن، اسان کي به ٻين ملڪن جي طرح ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻو آهي. هن چيو ته تعميراتي لاڳت آسمان تي پهچي وئي آهي، جنهن تي حڪومت ڪوئي ڪنٽرول ناهي. مبين جماڻي چيو ته ڪراچي جو اولڊ ٽائون گولڊن ٽائون آهي، هڪ هزار گز تي سوين فليٽيون ٺهيل آهن. ان موقعي تي آباد جي سرپرست اعليٰ محسن شيخاڻي چيو ته تعميراتي شعبي جي ماڻهن جو صرف 20 سيڪڙو ڪاروبار ۽ 80 سيڪڙو ادارا لينڊ مافيا جي جوابداري ۾ مصروف آهن، عالمي سطح تي لينڊ مافيا جو ڪم تي عزت ملندي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ادارا جائز ڪم ڪرڻ ناهن ڏيندا، اهڙي صورتحال ۾ ٻاهرين ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ممڪن آهي، بدقسمتي سان دعوائن جي باوجود پاڪستان ۾ غير قانوني اڏاوت بند نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت کي موقعو مليو آهي، الله ڪري سٺا فيصلا ڪن، زمينن جي ڊجيٽلائيزيشن جو نظام ڪم نه ڪري رهيو آهي، سرڪاري سطح تي جيڪڏهن آفيسر ڪم نه ڪن ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. آباد جي چيئرمين آصف سم سم خطاب ڪندي چيو ته تعميراتي صنعت تي توجه نه ڏني وئي ته 40 سيڪڙو ترسيل جي آمد متاثر ٿي سگھي ٿي، آبادگار ميمبر ۽ گهٽي محلن جي ٺيڪيدارن ۾ فرق آهي. گهٽي محلن ۾ غير قانوني اڏاوت ڪندڙ بلڊر ناهن، ٺيڪيدار آهن. هن چيو ته نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ شاندار ڪم ڪيا آهن. آباد جي ميمبرن کي پيش ايندڙ مسئلن حل ڪرڻ تي ٻنهي نگران وزيرن جو شڪريه ادا ڪيون ٿا. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ اسان کي پنهنجي معيشت کي ڊيجيٽلائز ڪرڻ پوندو. ان موقعي تي آباد جي سينيئر وائس چيئرمين ابراهيم ايس حبيب چيو ته نگران حڪومت دور ۾ وزيرن اسان جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن مان گهڻا مسئلا حل ڪيا ويا، جنهن لاءِ اسين سندن شڪر گذار آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو