اسان، جنرل باجوه ۽ پنجون نسل

ليکڪ  محمد حنيف

پهريان جنرل باجوه بند ڪمري ۾ مخصوص صحافين کي بريفنگ ڏيندو هو. هي سڀ صحافي بند ڪمري مان نڪري ڪري مخصوص ڳالهيون ئي عوام کي ٻڌائيندا هئا. بند ڪمري ۾ سڀ جي سامهون چيل ڳالھ کي هي ليکڪ اهڙي طرح بيان ڪندا هئا جئين باجوه صاحب لڪي ڪري هنن جي ڪن ۾ ڪئي هجي. پر هن ڀيري يومِ دفاع تي جنرل باجوه بند ڪمري مان نڪري ڪري سينو تاڻي ڪري قوم کي خطاب ڪيو ۽ بقول رشڪِ قمر واري استاد قمر جلالوي ” آگ ايسي لگائي مزا آگيا“. جنرل باجوه صاحب پهريان ئي فرمايو آهي ته هو پنهنجي ذات تي ٿيل تنقيد برداشت ڪري سگھي ٿو پر ادارن تي تنقيد برداشت نٿو ڪري سگھي. منهنجي خيال مطابق جيڪڏهن هو تنقيد برداشت ڪري سگھي ٿو ته پوءِ باجوه صاحب طرفان اسان کي ٿوري تعريف ڪرڻ جي اجازت به ڏيڻ گھرجي. جهڙي طرح هن افغانستان لاءِ امن جي ڳالھ ڪئي ۽ جهڙي طرح ڀارت کي کليل لفظن ۾ ان کي ا…

عمران خان طرفان حقاني نيٽ ورڪ کي قبيلي طور پيش ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي بحث، آمريڪا تي لاعلم هجڻ جو الزام ۽ پاڻ وري حقانين کي پشتون قبيلو چئي ڏنو. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان پاران طالبان جي حقاني نيٽ ورڪ جي جٿي کي افغانستان جي هڪ پشتون قبيلي جي حثيت سان پيش ڪرڻ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. ان هي بيان سي اين اين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڏنو هو. بيڪي اينڊرسن پنهنجي سوال ۾ آمريڪي وزير خارجه بلنڪن جي حوالي سان پڇيو ته بلنڪن جي مطابق پاڪستان طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ کي پناه ڏيڻ ۾ شامل رهيو آهي، گذريل 20 سالن جي دوران حقاني نيٽ ورڪ افغانستان ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پهچائيندڙ حملن ۾ شامل رهيو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي اولھ جا فوجي ۽ هزارن جي تعداد ۾ افغاني شهري اجل جو شڪار بڻيا. سي اين اين جي صحافڻ پنهنجي ڳالھ جاري رڪندي چيو ته سن 2011 ۾ جنرل مائيڪ ملن چيو هو ته حقاني نيٽ ورڪ پاڪستاني انٽيليجنس جو هڪ خاص جُزُ آهي ۽ هن وقت ان جا 4 اڳواڻ افغانستان جي حڪومت ۾ شامل آهن. بيڪي اينڊرسن چيو ته  ڇا ان کان پوءِ پاڪستان ۽ اولھ جي وچ ۾ اعتماد جي گھٽتائي حيرت جو سبب آهي؟ هن سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪين کي اها خبر نه هئي ته حقاني نيٽ ورڪ ڇا آهي. پنهنجي ڳالھ جاري رکندي هن وڌيڪ ڇيو ته حقاني هڪ پشتون قبيلو آهي جيڪو افغانستان ۾ رهي ٿو. 40 سال پهريان جڏهن افغان جهاد هلي رهيو هو ته اسان وٽ 50 لک پناه گير هئا جن ۾ ڪجھ حقاني به هئا ۽ حقاني اُهي مجاهد هئا جيڪي سوويت يونين سان وڙهيا هئا، اُهي پاڪستان جي پناه گاه وارين ڪئمپن ۾ پيدا ٿيا. هو (آمريڪي) اسان کي اهو چئي رهيا هئا ته پناه گاهن ۾ رهندڙ 30 لک ماڻهن ۾ تلاش ڪيو ته  انھن ۾ طالبان ڪھڙا آهن ۽ ڪھڙا ناهن.       

حقاني حقيقت ۾ آھن ڪير؟

ان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ھڪ نئي بحث ان موضوع تي ٿي رھي آھي تہ ڇا حقاني نيٽ ورڪ جو نالو ڪنھن قبيلي جي مناسبت سان آھي؟ بي بي سي ورلڊ سروس سان واسطو رکندڙ نور ناصر جي مطابق حقاني نيٽ ورڪ جو نالو ان جي سربرھ جلال الدين حقاني جي مناسبت سان آھي. ان جي مطابق جلال الدين حقاني پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواھ ۾ قائم مدرسہ دارالعلوم حقانيہ مان تعليم حاصل ڪرڻ واري سبب جي ڪري پنھنجي نالي سان گڏ حقاني شامل ڪيو ھو، اصل ۾ان جو تعلق افغانستان جي صوبي پڪتيا واري علائقي خوست جي زدران قبيلي سان آھي. ھي نہ واضع رھي تہ دارالعلوم حقانيہ اکوڙہ خٽڪ کي طالبان سان رابطن جي ڪري شھرت حاصل رھي آھي ۽ ھتان تعليم حاصل ڪندڙ طالبِ علم پنھنجي نالي سان حقاني لڳائن ٿا. تحقيدان عبدالسيد جي مطابق جڏھن مولوي عبدالحق، جيڪو موالانا سميع الحق جو والد ھو ننڊي کنڊ جي وراست کان پوءِ ھندوستان مان لڏي ڪري نوشھراہ جي ويجهو پنھنجي ڳوٺ اکورہ خٽڪ ۾ جامعہ حقانيہ نالي مدرسي جي پيڙھ رکي، تہ روايت جي مطابق ھتان تعليم حاصل ڪندڙ طالبِ علم حقاني سڏڙائن ٿا. ھن ٻڌايو تہ ھي ائين ئي آھي جئين ديوبندي مڪتبِ فڪر جو ھڪ وڏو مدرسو پاڪستان ۾ دارالعلوم علامہ بنوري آھي، جنھن مان تعليم حاصل ڪندڙ طالبِ علم پنھنجي نالي سان بنوري لڳائن ٿا. ان جي ڪري جالال الدين حقاني جو تعلق ڪنھن حقاني نالي قبيلي سان نہ ھو پر ھي ان جي مادرِعلمي کي ظاھر ڪرڻ لاءِ آھي. جھڙي طرح ڪنھن جي نالي سان  حقاني ھجڻ ان جي قبيلي جي نالي کي ظاھر نٿو ڪري اھڙي ئي طرح حقاني ھجهڻ جو مطلب اھو نالي تہ ھو لازمي طور تي دارالعلوم حقانيہ جو طالبِ علم ھجي، حقاني نيٽ ورڪ ۾ شامل ماڻھون جالال الدين حقاني جي مناسبت سان بہ ھي نالو رکندا آھن.

حقاني نيٽ ورڪ جي حقيقت

حقاني نيٽ ورڪ طالبان جي اندر ھڪ گروھ آھي جنھن کي گهڻي ڀاڳي خود مختيار حيثيت وارو تصور ڪيو وڃي ٿو. پنھنجي عسڪريت پسندي جي ڪري ھي طالبان جي ٻين ڌڙن کان وڌيڪ سخت گير سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جو سڀ کان وڌيڪ اثر اوڀر اُتر واري صوبن ڪنر ۽ ننگرھار ۽ ڏکڻ ۾ زابل، قندھار ۽ ھلمند تي آھي، ان سان گڏوگڏ ھي افغانستان جي ٻين صوبن ۾ بہ موجود آھن. سن 2001 ۾ آمريڪي حملي کان پوءِ طالبان جي حڪومت جي ختم ٿيڻ کام پھريان حقاني نيٽ ورڪ جو اڳواڻ جلال الدين حقاني اسلام آباد جي سرڪاري دوري تي ايندڙ اڳواڻن ۾ شامل ھو.  ان کان پوءِ حقاني روپوش ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي مھينن کان پوءِ پاڪستان جي قبائلي علائقي وزيرستان ۾ ظاھر ٿيو جتي ان اولھ جي طاقتن جي خلاف شدت پسندن تي مشتمل ھڪ مزاحمتي گروھ تيار ڪيو. آمريڪي فوجي عھديدار اڪثر اھو چوندا رھيا تہ ان گروھ جيترو نقصان اولھ جي فوج جو ڪيو آھي ڪنھن ٻي گروھ ناھي ڪيو. پاڪستان تي بہ ان گروھ جي مدد جا الزام لڳندا رھيا آھن پر پاڪستان انھن الزامن کي رد ئي ڪيو.

سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙن جو ردعمل

خبرون ڏيندڙ اداري روئيٽرز جو قومي سلامتي سان لاڳاپيل صحافي جوناٿن لينڊي لکيو آھي تہ پاڪستان جو وزيرِاعظم عمران خان آمريڪا تي افغانستان جي معاملي جي حوالي سان اڻ ڄاڻائي جو الزام لڳائي ٿو  پر پاڻ حقاني نيٽ ورڪ کي پشتون قبيلو چوي ٿو. صحافي حامد مير بہ ان حوالي سان پنھنجي راءِ ڏيندي لکيو تہ دارالعلوم حقانيہ اکوڙہ خٽڪ جا طالبِعلم حقاني سڏرائن ٿا جن ۾ جلال الدين حقاني بہ شامل آھي. صحافي اظھار اللھ لکيو تہ اينڪر کي بہ ڪو اندازو نہ ھو تہ حقاني ڪو قبيلو آھي. ھڪ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙُ عمران خان جي ھڪ گذريل بيان واران لفظن ۾ چيو تہ ” مان حقاني قبيلي کي حقانين کان وڌيڪ ڄاڻان ٿو“. (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو).

پهنجو تبصرو موڪليو