ڪراچي(شوبزنيوز)پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي اداڪارا ارمينا خان جلد ماءُ ٿيڻ جي خوشخبري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.ارمينا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي بيبي شاور جي هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي آهي.هن تصوير ۾ ارمينا خان کي خوبصورت پس منظر سان هلڪي خاڪي رنگ جي لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو.پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ارمينا خان ماءُ بڻجڻ واري مرحلي کي پنهنجي زندگي جو سڀ کان خوبصورت ۽ سڀ کان وڏو پروجيڪٽ قرار ڏيندي الله جو شڪر ادا ڪيو آهي.هن پوسٽ جي ڪمنٽ باڪس ۾ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اهم شخصيتن طرفان ارمينا خان کي مبارڪباد ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته 2020 جي شروعات ۾ فلم ”جانان“ سان شهرت جي بلندين تي پهچندڙ اداڪارا ارمينا خان پنهنجي دوست فيصل خان سان شادي ڪئي هئي.
